چوڏهن طبق

چوڏهن طبق: چوڏهن طبقن جي معنيٰ آهي: ’ست زمينون ۽ ست آسمان‘. بطليموس پهريون هيئت دان هو جنهن آسمان جا ست طبقا تصور ڪيا ۽ هر هڪ طبقي تي هڪ هڪ سيارو جَڙيل سمجھيو. اهو اصطلاح گذريل ٻن هزارن سالن ۾ ايترو مروج ٿيو، جو اڄ ڏينهن تائين انسان انهيءَ مفروضي تي هلڻ لاءِ مجبور آهي. شاعريءَ ۾، طب ۾، علم افلاڪ ۽ سائنس ۾ مطلب زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ستن زمينن ۽ ستن آسمانن جو حوالو ضرور ايندو رهندو آهي. عالمن ته هر هڪ آسمان ۽ زمين جي هر طبقي جا نالا به مخصوص ڪري ڇڏيا آهن. عام طرح پهاڪو به آهي ته ’هن جا چوڏهن طبق ئي روشن ٿي ويا.“


لفظ چوڏهن طبقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو